راهمون، ڊاڪٽر ڪمال

راهمون، ڊاڪٽر ڪمال

ڪمال راهمون ڊاڪٽر

ڪمال راهمون ڊاڪٽر: سماجي ڪارڪن ۽ قومپرست شاگرد اڳواڻ ڊاڪٽر ڪمال راهمي، 5 مئي 1962ع تي ڳوٺ پنات تعلقي ڇاڇري ۾ مولوي عبدالواحد راهمي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد استاد هو. هن ابتدائي سنڌي تعليم پنهنجي والد وٽ حاصل ڪئي. ثانوي تعليم مڊل اسڪول صالح ڀنڀري، تعلقي ساماري ۾ پڙهيو. مئٽرڪ هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۽ انٽر شاهه لطيف ڊگري ڪاليج ميرپورخاص مان ڪيائين. بعد ۾ ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشوري ۾ داخل ٿيو. ٿر جي غريب شاگردن جي بهتر تعليم لاءِ ڪوششون ڪيائين. ان مقصد لاءِ سماج سڌار سوسائٽيءَ جو قيام عمل ۾ آڻي شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙڻ لڳو. ٿر مان وڏيرڪي سياست جي خاتمي لاءِ، ماڻهن ۾ شعوري جاڳرتا پيدا ڪري، هيٺئين درجي جا اميدوار موروثي سياستدانن جي مقابلي ۾ بيهاريائين. 1983ع ۾ ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. ٽوڙي ڦاٽڪ واقعي بعد کيس گرفتار ڪيو ويو. هن يونيورسٽيءَ جو ماحول پر امن رکڻ لاءِ ڪيترائي احتجاج ڪرايا. 1982ع کان يونيورسٽين جو ماحول خراب ڪندڙ تنظيمن سان به ڳالهيون ڪري کين سنڌ دوستي جو سڏ ڏنائين. هن 16 مارچ 1986ع تي شاگرد ساٿين سان گڏ يونيورسٽيءَ جي ماحول جي بهتريءَ لاءِ پرچار ڪري رهيو هو ته ڊاڪٽر قادر مگسيءَ تي پنجابي اسٽوڊنٽس جي شاگردن حملو ڪيو، جنهن کي بچائيندي، ڪمال راهمون شهيد ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.05.05  عيسوي

سماجي ڪارڪن ۽ قومپرست شاگرد اڳواڻ ڊاڪٽر ڪمال راهمي، 5 مئي 1962ع تي ڳوٺ پنات تعلقي ڇاڇري ۾ مولوي عبدالواحد راهمي جي گهر ۾ جنم ورتو.


1986.03.16  عيسوي

ڊاڪٽر ڪمال راهمون 16 مارچ 1986ع تي شاگرد ساٿين سان گڏ يونيورسٽيءَ جي ماحول جي بهتريءَ لاءِ پرچار ڪري رهيو هو ته ڊاڪٽر قادر مگسيءَ تي پنجابي اسٽوڊنٽس جي شاگردن حملو ڪيو، جنهن کي بچائيندي، ڪمال راهمون شهيد ٿي ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ربو شاهه
ڀڳت ارجن ڪنواڻي
سريچند ميوارام
بيبي صغرا آپا
پلي عزيز
بولا خان جاکرو
محمد صالح راهوجو
اسحاق گڊو
جان شير خان
احمد علي خان پتافي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون